سپنا ڍنڍ

سپنا ڍنڍ: سپنا ڍنڍ، ڄامشوري ضلعي جي تعلقي سيوهڻ ۾، سيوهڻ ويجھو آهي. هيءَ ڍنڍ پنهنجي دور جي هڪ مشهور ۽ پيداوار ڏيندڙ ڍنڍ هئي. هن ڍنڍ ۾ هزارين مڻ مڇي مرندي هئي ۽ پکين جو شڪار به ٿيندو هو. هن ڍنڍ جو مشهور ٺيڪيدار محمد هاشم ملاح هو. هينئر به هن ڍنڍ ۾ مڇي ماري وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو